پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات،ٿڌ ۾ واڌ

لاهور :لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئي، برسات کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي.لاهور جي مختلف علائقن ۾ رات جي وقت گجگوڙ سان برسات ٿي، جڏهن ته فيصل آباد، گجرات، جهلم، منڊي بهاءُ الدين سميت مختلف علائقن ۾ بادل برسات پوندا.آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب مواصلاتي رستا بند ٿي ويا آهن.موسميات کاتي اڄ اسلام آباد، پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔