آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ واري دعويدار جي تربيت خريد ۽ وڪرو جي آهي: گوهر خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ  انصاف جي چيئرمين گوهر خان بلاول ڀٽو کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته ڪالهوڪو ٻار دعويٰ ڪري رهيو آهي ته آزاد اميدوارن کي ملائي حڪومت ٺاهيندس. بلاول جي تربيت ئي خريد وڪرو جي لاءِ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته بلاول پي ٽي آءِ کي وساري ويٺو آهي پي ٽي آءِ سنڌ جي زمين تي ڪراچي ۽ سڀني کان پهريان لاڙڪاڻي ۾ کيس شڪست ڏيندي. بونير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ جي سياست اها آهي جو اها چئي رهي آهي ته ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. انهن کي 125 سيٽون ملنديون ۽ نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو. پر پي ٽي آءِ جمهوريت تي يقين رکي ٿي.

بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ عوام جي حمايت، سپورٽ ۽ ووٽ سان حڪومت ٺاهيندي ڪنهن جي اشارن يا مداخلت سان حڪومت قائم نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙ آزاد اميدوارن کي گڏ ملائڻ  واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ ايوانن ۾ آزاد اميدوارن جي خريد ۽ وڪرو کي هر صورت ۾ روڪيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔