هڪ سال دوران 400 سيڪڙو اضافي جي باوجود اوگرا گيس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد:آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) گيس جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته اوگرا گيس جي قيمتن ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ واڌ جي سفارش ڪئي آهي ۽ حڪومت جي منظوري کان پوءِ ايندڙ مهيني کان اهو اضافو لاڳو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اوگرا انهي کان پهرين هڪ سال ۾ 400 سيڪڙو گيس جون قيمتون وڌائي چڪو آهي. ياد رهي ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت نيون قيمتون نومبر کان لاڳو ڪيون ويون آهن ۽ نئين پاليسي جي تحت گهريلو صارفين کي ٻن ڪيٽيگريز ۾ رهايو ويو آهي. هڪ ڪيٽيگري نان پروٽيڪٽيڊ ۽ ٻئي پروٽيڪٽيڊ آهن.

اهڙي ورهاست جي تحت اهي گهريلو صارفين جنهن 4 مهينن جي دوران نومبر کان فيبروري تائين 91 cm يا ان کان وڌيڪ گيس استعمال ڪئي هئي اهي نان پروٽيڪٽيڊ ورائيندا جڏهن ته 90 کان گهٽ پروٽيڪٽڊ چورائيندو.

پروٽيڪٽيڊ ڪيٽيگري کي هر بل تي 400 روپيه فڪسڊ چارج ادا ڪرڻو پوندو.پروٽيڪٽڊ صارف جو بل گهٽ ۾ گهٽ 650 روپيه ۽ وڌ کان وڌ 1350 روپيه اماڻيو ويندو جڏهن ته نان پروٽيڪٽڊ صارف کي گهٽ ۾ گهٽ بل 1440 کان 87 هزار يا ان کان وڌيڪ هوندو. ٻنهي ڪيٽيگريز جي بلن ۾ 400 روپيه ميٽر رينٽ ۽ 19 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس شامل  هوندو. پوءِ چاهي صارف گيس استعمال ڪري يا نه ڪري.

نان پروٽيڪٽڊ صارف کي  150cmتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار روپيه فڪسڊ چارج يا وڌ کان وڌ 2 هزار روپيه ادا ڪرڻا پوندا. ٻنهي ڪيٽيگريز ۾ گيس جي استعمال جي وڌڻ تي بل جي رقم وڌائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔