عمران خان جا ڪيس ٻڌندڙ جج جي رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست رد

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جا ڪيس ٻڌندڙ جج محمد بشير جي رٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست کي رد ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير جي موڪل تي وڃڻ جي معاملي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان سندس موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي جنهن کان پوءِ جج محمد بشير رٽائرمينٽ تائين موڪل جي لاءِ ڏنل پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

جج محمد بشير طبيعت خراب هجڻ سبب 24 جنوري کان 14 مارچ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي جنهن کي قانون واري وزارت منظور نه ڪيو جنهن کان پوءِ درخواست واپس ورتي وئي.

جج محمد بشير جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 2 ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته جج محمد بشير جي نوڪري جو مدو 14 مارچ 2024 تي مڪمل ٿي رهيو آهي جنهن کان پوءِ هو رٽائرڊ ٿي ويندو. جج محمد بشير ريٽائرمينٽ تائين  موڪل جي درخواست ڏني هئي جنهن کي رد ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔