حضرت علي عليهه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو

ڪراچي: حضرت علي عليهه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو اڄ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ يوم علي عه جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿي ويو، پوليس حضرت علي عه جي ڏهاڙي جي موقعي تي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ رستن کي ڪنٽينر ۽ ٽينڪرز سان سيل ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۽ سائوٿ ۾ جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريجرز جي وڏي نفري ان کان علاوه مقرر آهي.اطلاعن موجب ڪراچي پوليس طرفان جمعي جي رات حضرت علي عه جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ، پريڊي اسٽريٽ، تبت سينٽر، نمائش چورنگي، ٽين هٽي، ۽ کارادر سميت ٻين رستن ۽ گهٽين کي ڪنٽينرز، ٽينڪرز ۽ قناعطون هڻي سيل ڪيو هو. حضرت علي عه جي حوالي سان جمعي جي صبح 7 وڳي نشتر پارڪ ۾ مرڪزي مجلس ٿي جڏهن ته مرڪزي جلوس 8 وڳي پاڪ حيدري ۽ بوتراب اسڪائوٽس جي گهيري ۾ نشترپارڪ کان برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي روايتي رستي کان گذرندي کارادر ۾ حسينيه ايرانيا امام بارگاهه پهچي ختم ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔