حيدرآباد: ڪورونا کان متاثر شخص پلازما ٿراپي وسيلي صحتياب

حيدرآباد: حيدرآباد جي لياقت يونورسٽي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان متاثر شخص کي پلازما ٿراپي ڏني وئي جنهن کانپوءِ هو مڪمل طور تي ٺيڪ ٿي ويو. هن ٻڌايو ته ان ماڻهوءَ کي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو. لمس جي ايم ايس ٻڌايو ته عبدالستار جون وائرس جون ٻئي ٽيسٽون ڪاٽو اچڻ بعد کيس هاءِ ڊيپنڊينسي (ايڇ ڊي) يونٽ مان آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو هو.هن چيو ته عبدالستار پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي ۽ ان جون رپورٽون اربع ۽ خميس تي مليون. ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو چيو ته سانگهڙ جي رهواسي عبدالستار کي پلازما عطئي طور مليو هو جيڪو هن کي 3 مئي تي مليو هو. هن ٻڌايو ته عبدالستار کي 24 اپريل تي وائرس جي سڃاڻپ بعد اسپتال ۾ علاج لاءِ رکيو ويو.لمس جي ايم ايس ٻڌايو ته لمس ۽ ايل ايڇ يو ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم پنهنجي نگراني ۾ پلازما ڏنو جيڪو وائرس کان تندرست ٿيندڙ هڪ مريض عطيو ڏنو هو.لمس جي ترجمان آفتاب حسين ٻڌايو ته عبدالستار کي 13 مئي ۽ 14 مئي تي طبي ٽيسٽ جا نمونا ورتا ويا جيڪي منفي آيا. ياد رهي ته عبدالستار اهو پهريون مريض آهي جيڪو پلازما ٿراپي سان تندرست ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔