پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا جي دوا ٺهي ويندي:ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد: آمريڪي ڪمپني دنيا جي 5 ڪمپنين کي ڪورونا جي علاج لاءِ دوا ٺاهڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ به “ريم ڊيزيور” دوا تيار ڪئي ويندي، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا جي دوا ٺهي ويندي، دوا پاڪستان کان 127 ملڪن ۾ اماڻي ويندي، ڊاڪٽر ظفر مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته امريڪا پاران تيار ڪيل دوا جا سٺا نتيجا مليا آهن، ڪوشش آهي ته امريڪي دوا پاڪستان آندي وڃي، ڪجهه هفتن دوران پاڪستان ۾ ان دوا جي تياري شروع ٿي ويندي، هن چيو ته ڪورونا مريضن لاءِ دوا 4 هفتن ۾ تيار ٿي ويندي، امريڪي دوا ساز ڪمپني دوا تيار ڪري ٻڌايو آهي ته اها ڪورونا مريضن لاءِ اثرائتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔