سنڌ ۾ڪورونا سبب وڌيڪ 11 مريض فوت ٿيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر جي منظوري کانپوءِ سنڌ ۾ وبائي مرض بابت ترميمي ايڪٽ لاڳو ٿي ويو آهي، شهرين، دڪاندارن ۽ فيڪٽري مالڪن سميت هر فرد کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، وبائي مرض بابت ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو، هن چيو ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو، ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن، 533 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي گهرن تائين محدود رهڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔