سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، پر فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري اڪثر شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل هئڻ سبب شهري پريشان آهن. دادو،خيرپور ناٿن شاهه، مديجي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات کانپوءِ موسم ته خوشگوار ٿي وئي پر ڪيترائي فيڊر پڻ ٽرپ ٿي ويا. حيسڪو موجب تيز هوا جي ڪري فيڊرز ۾ فالٽ آيو، مرمتي ڪم جاري آهي، جلد بجلي بحال ٿي ويندي، جڏهن ته شهرين کي سحري اوندهه ۾ ڪرڻي پئي آهي. هوڏانهن خيرپور، پير جو ڳوٺ، صدر جي ڀٽيون، قادر پور ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ وسڪاري کانپوءِ گرمي ستايل شهرين جي چهرن تي مرڪ موٽي آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔