ملڪ ۾ ڪورونا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 10430 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ هڪ هزار 430 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 37 هزار 218 ٿي ويو آهي، قاتل وائرس هيل تائين 803 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو، سنڌ ۾ 14 هزار 99، پنجاب ۾ 13 هزار 914، خيرپختونخواهه ۾ 5 هزار 423، بلوچستان ۾ 2 هزار 310، گلگت بلتستان ۾ 501، آزاد ڪشمير ۾ 105 ۽ اسلام آباد ۾ 866 ڄڻن کي وائرس جي تصديق، 10 هزار 155 ڄڻا ڪورونا جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔