قطر ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي کڻي خاص پرواز پشاور پهتي

پشاور:پاڪستان انٽر نيشنل ائير لائن ( پي آءِ اي) جي خاص پرواز قطر ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي کڻي پشاور پهچي وئي . پي آءِ اي جي خاص جهاز ۾ 237 پاڪستاني سوار هئا جن کي پنهنجي وطن پهچايو ويو آهي . انتظاميا مڙني مسافرن کي اسڪريننگ کانپوءِ قرنطينا پهچايو آهي، گذريل ڏينهن پي آءِ اي سعودي عرب لاءِ پروازن جو شيڊول جاري ڪيو هو،پي آءِ اي جي پرواز ڪالهه 14 مئي تي رياض مان 250 پاڪستانين کي کڻي لاهور لاءِ رواني ٿي هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔