ڪورونا وائرس خلاف ڪامياب حڪمت عملي، ويٽنام ۾ زندگي بحال

ويٽنام: گهٽ وسيلن جي باوجود منظم طريقي ۽ حڪمت عملي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪندڙ ڏکڻ اوڀارين ايشيا جي ملڪ ويٽنام ۾ ڪورونا سبب لڳايل جزوي لاڪ ڊائون کي توڙي جو اپريل جي وچ ۾ ئي وڌيڪ سولو ڪيو ويو هو پر مئي جي وچ ۾ اٽڪل 75 سيڪڙو ڪاروبار ۽ زندگي جي وهنوار کي بحال ڪيو ويو آهي . ويٽنام ۾ 15 مئي جي صبح تائين هڪ به ماڻهو نه مُئو هو ۽ اتي مريضن جو انگ 312 تي وڃي پهتو هو ، ويٽنام ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس جنوري 2020 جي آخر ۾ آڏو آيو هو ۽ اتان جي حڪومت پهريون ڪيس سامهون اچڻ شرط ئي وبا کان بچاءَ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔