ڀارت ۾ مسلمانن جي گرفتارين تي آمريڪا جي ڳڻتي

واشنگٽن: مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن(يو ايس سي آءِ آر ايف) ڳڻتي جوڳين خبرن کي نوٽ ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت ڪووِڊ 19 بحران دوران مسلمان ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهي آهي،جن تڪراري شهريت ترميمي قانون (سي اي اي ) خلاف احتجاج ڪيو. يو ايس سي آءِ آر ايف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن وقت ڀارت کي ضمير جي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي ۽ احتجاج جي جمهوري حق تي عمل ڪرڻ وارن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. ان ۾ خاص ڪري ڳورهاري عورت صفورا زرگر جو ذڪر ڪيو ويو جيڪي تڪراري قانون خلاف احتجاج دوران فيبروري ۾ گرفتار ٿي هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔