سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به 3 ڏينهن سخت لاڪ ڊائون هوندو

لاهور: ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون رهندو. پنجاب حڪومت جي اعلان موجب لاڪ ڊائون دوران صرف جنرل اسٽورز، ڪريانه اسٽور، کير ڏهي، گوشت، سبزي ۽ فروٽ جا دڪان صبح جو 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندا. ان کان علاوه گاڏين جا اسپيئر پارٽس، پڪنچر، پيٽرول پمپس ۽ هوم ڊليوري هوٽلون کليل رهندا ڪوريئر سروسز، پڪ اينڊ ڊارپ ۽ گاڏين جي اچ وڃ به جاري هوندي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ لاڳو جزوي لاڪ ڊائون کي 9 مئي کان مرحليوار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوهو جنهن کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب حڪومت به لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪندي ڪجهه ڪاروبار ايس او پيز جي بنياد تي کولڻ جي اجازت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔