هٿ جي چاٻي ۽ وزن سان ٻرندڙ بلب

لنڊن: دنيا ۾ هن وقت لڳ ڀڳ هڪ ارب جي آبادي لڳ ڀڳ معمول موجب ملندڙ آف گرڊ بجلي کان محروم آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ورهيه اڳ ۾ وزن وجهڻ سان بجلي ٺاهڻ جو نظام سامهون آيو هو جنهن کي گِريوِٽي لائٽ جو نالو ڏنو ويو هو ، هاڻي ساڳي ڪمپني چاٻي ڀرڻ ،وزن وجهڻ يا سج جي توانائي سان روشني خارج ڪرڻ وارو نظام ٺاهيو آهي . ديسي واٽ ڪمپني بجلي کان محروم علائقن، ڪيمپن ۽ سفر ڪندڙ سياحن لاءِ هڪ نئون بلب ڊيزائن ڪيو آهي جو هٿن جي محنت سان به چارج ڪري سگهجي ٿو، ان نئين نظام کي گِريوِٽي ٽو جو نالو ڏنو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔