ڪُوئن جي ٺاهيل پينٽنگ هٿون هٿ وِڪرو

لنڊن: لنڊن ۾ ڪوئن جي تيارڪيل ننڍڙي پينٽنگ تيزي سان مشهور ٿيڻ لڳي آهي ، اها تصوير وڪرو ڪندڙ عورت تمام گهڻي شاهوڪار پڻ ٿيڻ لڳي آهي .تصوير وڪرو ڪندڙ عورت جو چوڻ آهي ته ڪوئا اصل ۾ تمام گهڻو ذهين هوندا آهن ۽ اسٽيف ٽو گڊ نالي عورت انهن ڪوئن جي مدد سان مصوري جي فن جو هي نئون ڪاروبار شروع ڪيو آهي .عورت پنهنجي ڪوئن جي چنبن ۾ رنگ لڳائي انهن مان خوبصورت پينٽنگ ٺاهي وڪرو ڪري ٿي . هاڻي ايٽسي ۽ ٻين ويب سائيٽن تي ڪوئن جون اهڙيون تصويرون ڌڙا ڌڙ هلي رهيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔