افغان صدر پاران ڏنل ڌمڪين کان پوءِ طالبان جو سخت رد عمل

ڪابل: صدر اشرف غني طرفان افغان فوج جي ويڙهاڪن تي جارحانه حملا ڪرڻ جي هدايت تي طالبان ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ عسڪري ڪارروائين ۾ واڌ جو  اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان ڪابل جي زچه ۽ بچه اسپتال جي حملي ۾ ملوث هجڻ جو ڪابل حڪومت جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغان فوج جارحانه حملا ڪيا ته ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.طالبان جي ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته افغان فوج جي جارحيت جي نتيجي ۾ اسان به پنهنجون عسڪري ڪارروايون وڌائينداسين. اسان ڪڏهن حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي نقصان ناهي پهچايو. ياد رهي ته ان کان اڳ صدر اشرف غني اسپتال تي حملي کان پوءِ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ واقعي جي ذميواري طالبان تي لاڳو ڪندي فوج کي دفاع جي پاليسي کي ترڪ ڪري طالبان تي جارحانه حملا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔