آمريڪا ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ 6 اڏامن جو سلسلو شروع

ڪراچي :پاڪستان امريڪا ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ 6 اڏامن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد امريڪا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پي آءِ اي جي خاص اڏام مسافرن کي کڻي واشنگٽن کان ڪراچي لاءِ رواني ٿي وئي آهي. جڏهن ته امريڪا ۾ موجود پاڪستاني سفير اسد مجيد خان مسافرن کي الوداع چيو ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان سفير اسد مجيد جو چوڻ هو ته سفارتخانو ۽ قونصل خانو واپسي جي خواهشمند پاڪستانين جي مدد ڪري رهيو آهي. هڪ ٻي خاص اڏام 17 مئي تي نيو جرسي کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، هُن وڌيڪ چيو ته ڏيهه واپسي جا خواهشمند پاڪستاني سفارتخاني يا قونصل خاني سان رابطو ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔