پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون 770 ٿي ويون

اسلام آباد: اڄ بلوچستان، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير مان ڪيس سامهون آيا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 770 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل مريضن جو انگ 35793 تائين پهچي ويو آهي.هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 275 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ 234 ۽ پنجاب ۾ 223 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 27، اسلام آباد 6، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔