عمران خان قومي اسيمبلي جي 3 تڪن تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان قومي اسيمبلي جي 3 تڪن تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو باني عمران خان 3 تڪن تان چونڊ وڙهندو جنهن ۾ ميانوالي، لاهور ۽ اسلام آباد جي تڪن تان سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان  صاف شفاف چونڊون چاهيون ٿا اسان جو ڪوبه  اهڙو مطالبو نه آهي ته اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي.  اسان هر ڀيري اهو چئي رهيا آهيون ته اسان کي ڪنوينشن نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن 25 ڪروڙ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته چيف جسٽس کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ چيئرمين ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جو باني عمران خان 3 تڪن تان چونڊ وڙهندو جنهن ۾ ميانوالي، لاهور ۽ اسلام آباد جي تڪن تان سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. بيرسٽر گوهر چيو ته نوازشريف امپائر سان ملي کيڏندو آهي. هن ڀيري اسان جي اميدوارن کي ميدان ۾ لهڻ ئي نه پيو ڏنو وڃي. اسان جي ماڻهن کان نامزدگي ڪاغذ ڦريا پيا وڃن. اڊيالا جيل ۾ شاهه محمود جي سيڪريٽري کان ان جا نامزدگي ڪاغذ ڦريا ويا.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کان سڀاڻي نامزدگي ڪاغذن تي صحيحون ڪرائينداسين. مون کي اڄ جيل ۾ سادو ڪاغذ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. امڪان آهي ته جيڪڏهن اسان جي ماڻهن کي روڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون، اسان نٿا چاهيون ته حالتون خراب ٿين. ٽڪيٽن بابت پي ٽي آءِ باني سان مشاورت هلي رهي آهي. ان ۾ وڌيڪ وقت  لڳي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔