ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 737 ٿي ويو

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 737 ٿي ويو، نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيسز جو انگ 34370 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين وڌيڪ فوتگيون ڪي پي ڪي ۾ ٿيون آهن، جتي ڪورونا وائرس سبب 267 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 218 ۽ پنجاب ۾ 214 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، بلوچستان ۾ 27، اسلام آباد ۾ 6، گلت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ وائرس سبب هڪ شخص فوت ٿي چڪو آهي، اڄ هن وقت تائين ملڪ مان ڪورونا جا وڌيڪ 45 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان اسلام آباد کان 43 ۽ آزاد ڪشمير کان 2 ڪيس سامهون آيا آهن، سرڪار پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 68 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ ڪالهه وڌيڪ 593 ڪيس سامهون آيا ۽ هڪ ڏينهن ۾ 18 فوتگين جي تصديق ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔