سنڌ ۾ ڪورونا جا 71 نوان ڪيس ظاهر،انگ 13 هزار 341 ٿي ويو

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 71 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ انگ وڌي 13 هزار 341 ٿي ويو، وڏي وزير وڌيڪ 16 مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، عوام احتياط ڪري. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 223 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 731 ٽيسٽ مثبت آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 16 مريض ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، هيل تائين وبا سب فوتين جو انگ وڌي 234 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 10 هزار 272 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 8 هزار 840 گهرن ۾، 919 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 513 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو آهي ته سٺي خبر اها آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 606 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا،صحتياب ٿيلن جو انگ 2 هزار 835 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ 585 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته لاڪاڻي ۾ 24، حيدرآباد ۾ 22 ۽ گهوٽڪي ۾ 14 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سکر ۾ 10، ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ ۾ 8 ۽ شڪارپور ۾ وڌيڪ 7 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته شهيد بينظير آباد ۾ 5، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 4_ 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته نوشهروفيروز ۾ 2، ڄامشورو، خيرپور ۽ قمبر شهداد ڪوٽ ۾ هڪ_ هڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن ۾ 76 سيڪڙو مرد ۽ 24 سيڪڙو عورتون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔