سعودي عرب عيدالفطر تي مڪمل ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي عيدالفطر تي مڪمل ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سعودي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ مقرر سمورن حفاظتي قدمن ۾  رمضان جي آخر تائين لاڪ ڊائون ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. حڪم نامي موجب ڪرفيو ۾ جاري نرمي 29 رمضان 22 مئي تائين برقرار رهندي. جڏهن ته 30 رمضان کان 4 شوال تائين سعودي عرب جي سمورن علائقن ۽ صوبن ۾ مڪمل ڪرفيو جو اعلان ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي گهرو وزارت جي عهديدارن اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايتن تي  گهرو وزارت سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏ يڪجهتي پيدا ڪري ڪرفيو جي حوالي سان نوان قدم کنيا آهن. صحت واري وزارت جي اختيارين جي سفارش تي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مذڪوره فيصلا ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔