پاڪستان جي ترقي اسلام سان جُڙيل آهي:محمد حسين محنتي

ڪراچي :جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي اسلام سان جُڙيل آهي، قرآن ۽ سنت جي نظام لاڳو ڪرڻ کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ديني مدرسا اسلام جو قلعو ۽ نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن، انگريز سامراج جو مُدي خارج نظام ۽ ڪرپٽ قيادت ظالماڻي نظام جو تسلسل آهي جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ کان بنا پاڪستان جي قيام جو حقيقي خواب تعبير نٿو ماڻي سگهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ عالم سڳورن جي هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ڪهي آيل ديني مدرسن جا سفير، مدير، مهتممين ۽ اڳواڻ شريڪ هئا، ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير عبدالغفار عمر، جمعيت اتحاد العلماء حافظ نصرالله چنا، ناظم اعلىٰ علامه مولانا حزب الله جکرو، محمد موسىٰ ملاح، آفتاب احمد ملڪ ۽ مجاهد چنا پڻ خطاب ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔