موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کنوڻ سان گڏ برسات ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اربع تي اتر اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، پنجاب، مٿانهين سنڌ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو. جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندو. گذريل ڏينهن اربع تي به پنجاب، خيبرپختونخواهه، اتر اوڀر بلوچستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ طوفان سان گڏ برسات پئي.گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي پد ميرپورخاص 44 ڊگري سينٽي گريڊ، دادو شهيد بينظير آباد ۽ نوڪنڊي ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔