ڪوئن مان هڪ ٻيو خطرناڪ وائرس انسانن ۾ منتقل

بيجنگ: چيني ماهرن دعوا ڪئي آهي ته ڪوئن مان هڪ نئون وائرس ماڻهن ۾ منتقل ٿيڻ شروع ٿيو آهي جنهن جي ڪري انهن کي هيپاٽائيٽس اِي ٿيڻ جو خطرو آهي. ميڊِيا جي رپورٽن موجب هن وقت تائين چين ۾ يارهن اهڙا ڪيس آڏو آيا آهن جن ۾ ڪوئن مان خطرناڪ وائرس انسانن ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن مريضن ۾ هيپا ٽائيٽس اي جو نئون اسٽرين ملي ٿو ، وائرس جو اهو قسم رڳو ڪوئن ۾ ملي ٿو، جيڪو ان کان اڳ ۾ انسانن ۾ منتقل ٿيڻ جون رپورٽون سامهون نه آيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔