پرڏيهي وزيرصوبائيت جو الزام واپس وٺي يا استعيفيٰ ڏئي:بلاول

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڏهن هن سنڌ جي ڳالهه ڪئي ته هن تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جو الزام لڳايو ويو،سينيٽ سيشن کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن هن سنڌ جي ڳالهه ڪئي ته هن تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جو الزام لڳايو ويو، پر جڏهن هن بلوچستان ، خيبر پختونخواه يا گلگت بلتستان جي ڳالهه ڪئي ته انهن مٿس صوبائي ڪارڊ کيڏڻ جو الزام نه هنيو ، ڇا هڪ وفاقي وزيراهڙي قسم جا لفظ استعمال ڪري سگهي ٿو ته منهنجي بيان مان سنڌ جي بوءِ اچي رهي آهي، ان جو مطلب ڇا آهي ،هو ته هر صوبي جي ڳالهه ڪن ٿا. بلاول چيو ته هو پرڏيهي وزير کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجو بيان واپس وٺي پر جي هن بيان واپس نه ورتو ته هو سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪندو، هن چيو ته هو ان قسم جي بيان بازي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪندا ، ان قسم جي بيان بازي سان پاڪستان جي وفاق کي ڇيهو رسندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔