ايل اين جي اسڪينڊل: نيب شاهدخاقان ۽ سندس پٽ کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: نيب ايل اين جي اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ان جي پٽ کي ڪالهه طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي ۽ ان جي پٽ کي نيب راولپنڊي ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب شاهد خاقان ۽ ان جي پٽ کان مبينه اڪائونٽ ٽرانزيڪيشن جي باري ۾ سوال ڪندو.اڪائونٽ ۾ ٽرانزيڪشن مبينه طور تي ايل اين جي معاهدن جي دوران ٿي هئي.  ذريعن موجب نيب شاهد خاقان عباسي کان ايل اين جي اسڪينڊل جي حوالي سان اهي پراڻا سوال به ڪندو جنهن جا جواب نه مليا هئا.نيب اختيارن جي غلط استعمال تي شاهد خاقان عباسي جي خلاف عبوري ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪري رکيو آهي. شاهد خاقان عباسي سميت 8 جوابدارن جا نالا ايل اين جي ڪيس ۾ اي سي ايل ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔