گوادر ۾ پاڪ بحريه جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 2 آفيسر ۽ هڪ جوان شهيد

ڪراچي: گوادر ۾ پاڪ بحريه جو هيليڪاپٽر تربيتي اڏام دوران حادثي جو شڪار ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ بحريه جا 3 آفيسر ۽ هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب هيليڪاپٽر اڏام دوران فني خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿيو. پاڪ بحريه جي ترجمان ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ پاڪ بحريه جا 3 آفيسر ۽ هڪ جوان شهيد ٿي ويا آهن. حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ بحريه جي هيليڪاپٽر کي پيش ايندڙ  حادثي جي نتيجي ۾ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

اڳوڻي صدر آصف  علي زرداري به پاڪ بحريه جي هيليڪاپٽر حادثي جي نتيجي ۾ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.  جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف حادثي تي ڏک جو اطهار ڪندي چيو ته رب پاڪ شهيدن کي جنت ۾ جاءِ ڏئي. شهيد ته شهيد هوندو آهي. مريم نواز به هيليڪاپٽر حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيليڪاپٽر کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ شهادتن تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف به هيليڪاپٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جون ملڪ ۽ قوم خاطر  ڏنل قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔