سنڌ ۾ زبردست تحريڪ کانپوءِ بڊاڻي مان اغوا ٿيل جگديش، جئديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب

ڪشمور ڌرڻي ۽ سموري سنڌ ۾ زبردست احتجاجي تحريڪ کانپوءِ بڊاڻي مان اغوا ٿيل مکي جگديش ڪمار، سندس پوٽو جئي ديپ ڪمار ۽ گڊو مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي ويا

 مکي جگديش ڪمار پنهنجي پوٽي جئي ديپ سان گڏ بازيابي بعد اباڻي شهر بڊاڻي پهچي ويو، مکي جگديش بازيابيءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ تي هندو پنچائت سميت سموري سنڌ جا ٿورا مڃيا

 ڊاڪٽر منير نائچ کي بازياب ڪرائڻ بعد گڊو پهچايو ويو، ٽنهي مغوين جي بازيابيءَ تي سنڌ ۾ خوشيءَ جي لهر، علائقي ۾ مغوين جي بازيابي 60 لک روپين جي ڀنگ عيوض ممڪن ٿيڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن

 اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي چيو آهي ته ساگر ڪمار  به اڄ تائين بازياب ٿي ويندو، مغوين جي آزادي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔