نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان شمشاد اختر جي ملاقات، معاشي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ملاقات ڪئي آهي.

تفصيل موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ڊاڪٽر شمشاد اختر وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

نگران وزيراعظم ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.  واضح رهي ته مهانگي بجلي، ڊالر جي لاڳيتو وڌندڙ قيمت ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. معيشت ڪمزور هجڻ سبب عوام کي بدترين مهانگائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔