ڪوئيٽا: بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو تاريخي فيصلو سامهون آيو آهي، عدالت صوبائي سرڪار جي ٻن ترجمانن ۽ وڏي وزير جي 26 ڪوآرڊينيٽرز جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو
چيف جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عامر رانا تي ٻڌل بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو
درخواست گذار عبدالصادق خلجي ايڊوڪيٽ مقررين کي چئلينج ڪيو هو
عدالت بلوچستان حڪومت جي ترجمانن فرح عظيم شاهه، بابر يوسفزئي ۽ 26 ڪوآرڊينيٽرز کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته حڪومت جي ترجماني ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ چونڊيل نمائندا ۽ اسيمبلي ميمبرز موجود آهن
عدالت چيو ته چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۾ ترجمانن ۽ ڪوآرڊينيٽرز جي مقرري غير قانوني آهي
هاءِ ڪورٽ پاران حڪومتي ترجمانن ۽ ڪو آرڊينيٽرز کان آفيسن سميت سموريون سهولتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي