فوج کي بدنام ڪرڻ تي 2 سال قيد جي سزا هوندي: بل منظور

اسلام آباد: سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم واري حڪومتي بل جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي

بل جي متن موجب سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي سلامتيءَ واري معلومات وائکي ڪندڙ شخص کي 5 سال قيد جي سزا ملندي، اهڙي شخص جي سياسي سرگرمين تي 5 سالن لاءِ پابندي لڳائي ويندي، فوج خلاف نفرت پکيڙيندڙ شخص کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي

 آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل دفاع واري وزير خواجا آصف پاران پيش ڪيو ويو، منظور ڪيل بل تحت آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان معلومات پڌري ڪندڙ شخص تي نئون قانون لاڳو نه ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔