رومي سمنڊ خطي جي 9 ملڪن جي ٻيلن ۾ باهه، 40 ڄڻا فوت

الجزائر: رومي سمنڊ جي خطي3 ۾ شديد گرم ۽ هيٽ ويوز سبب مختلف هنڌن تي ڀڙڪيل باهه سبب 40 ڄڻا فوت ٿي ويا.
هيل تائين رومي سمنڊ جي خطي ۾ موجود گھٽ ۾گھٽ 9 ملڪن جي مختلف حصن ۾ هيٽ ويوز ۽ شديد گرمي سبب ٻيلا سڙي رهيا آهن ۽ يورپ ۽ اتر آفريقا جا هزارين فائر فائٽرز باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سرگرم آهن.
الجزائر، ييونس، يونان ۽ اٽلي ۾ ٻيلن ۽ ٻين هنڌن تي باهه سبب ڳوٺ ۽ سياحتي هنڌ خطري ۾ پئجي ويا آهن، جڏهن ته متاثر علائقن مان هزارين ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.
شديد گرم موسم ۽ باهه سبب سڀ کان وڌيڪ 34 فوتگيون الجزائر ۾ ٿيون جن ۾ 10 فوجي شامل آهن جيڪي بجايا صوبي ۾ لڳل باهه کان ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
مقامي اختيارين ٻڌايو ته باهه تي 80 سيڪڙو تائين ضابطو آندو ويو آهي پر هاڻ به گھڻو ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ متاثر حصن ۾ 8 هزار اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن.
الجزائر جي پاڙيسري ملڪ تيونس ۾ به باهه لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿيا.
يونان جي ٻيٽن ڪورفو ۽ ايوبويا ۾ باهه جي شدت وڌي وئي آهي جڏهن ته رهوڊس جي علائقي مان هيل تائين 20 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
ايوبوبا ۾ باهه وسائڻ جي ڪوششن دوران جهاز ڪريش ٿيڻ سبب 2 پائلٽ مارجي ويا جڏهن ته هڪ ٻئي سياحتي هنڌ ڪريٽ ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
يونان جي مختلف حصن ۾ هيٽ ويوز سبب گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ جو امڪان آهي ۽ اختيارين 26 جولاءِ تي ملڪ جي 13 مان 6 خطن ۾ باهه جي وڌيڪ خطري جي تنبيهه ڪئي هئي.
ٻي پاسي اٽلي جي مختلف حصن ۾ باهه لڳڻ ۽ طوفاني هوائن جي نتيجي ۾ هيل تائين گھٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
اٽلي جي خطن سسلي ۽ Puglia ۾ باهه لڳڻ سبب هزارين ماڻهن کي پنهنجا گھر ڇڏي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻو پيو آهي.
تيز هوائن ۽ خشڪ گاهه سبب مختلف علائقن ۾ فائر فائٽرز کي باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
فرانس، ڪروشيا، نيگرو، اسپين ۽ پرتگال جي مختلف حصن ۾ ٻيلن ۾ پکڙيل باهه کي روڪڻ لاءِ هزارين فائر فائٽرز سرگرم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔