روهڙي ۾ شمع گل جو قديمي تاريخي ماتم، ياحسين جي صدائن جي گونج، لکين مومن جي عزاداري

ڪراچي: روھڙيءَ ۾ اڄ رات ساڍا پنج سئو سال قديمي ۽ تاريخي ڪربلا مولا (9 ڍال) وارو ماتمي جلوس برپا ٿيندو، صبح جي آذان کان ڳجھه گھڙيون اڳ شمع گل (روھڙي شھر جي بجلي بند ڪري) ڪربلا جي زيارت کنئي ويندي، سنڌ جي سمورن ضلعن توڙي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ھزارين عزادار  روھڙي، سکر پھچڻ شروع ٿي ويا، سيڪيورٽيءَ جا حفاظت انتظام انتھائي سخت، موبائيل فون سروس 9 ۽ 10 محرم تي بندي رھندي. ان ڏس ۾ روھڙي شھر يا حسين عه جي صدائن سان گونجي اُٿيو. روهڙي ۾ اڄ ساڍا پنج سو سال تاريخي ڪربلا موليٰ (9 ڍال) وارو ماتم صبح جو آذان کان ڪجهه گهڙيون اڳ شمع گل (پوري شھر جو لائيٽون بند) ڪرڻ بعد نڪرندڙ ڪربلا معلي جي زيارت ڪرڻ جي آس ۽ تمنا کڻي سنڌ جي سمورن ضلعن سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ عزادر روهڙي توڙي سکر پھچڻ شروع ٿي ويو آھي. باک ڦٽي محل ڌاري صبح جي آذان کان پهريان شاهه عراق امام بارگاهه وٽان ڪربلا واري مشهور  سوين سالا  تاريخي ۽ قديمي زيارت کڻڻ کان ڪجهه منٽ پهريان روهڙي شهر جي بجلي بند ڪري شمع گل جو ماتم شروع ٿيندو آهي. 9 محرم صبح جي آذان کان پهريان بجلي بند ڪري جيئن شاهه عراق امام بارگاهه مان مشهور ۽ تاريخي زيارت”ڪربلا“ جو مک گيٽ کولي ٻاهر ڪڍي ويندي ته زيارت جي ڀرسان گڏ ٿيل ھزارين عزادار ڪلهو ڏيڻ جي اعزاز ۽ تمنا خاطر ڪربلا ڏانهن اچڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويندا آهن، ائين محفل شاھ ڪربلا امام بارگاهه کان اها مشهور ۽ تاريخي زيارت کڻي ڪربلا روڊ، شهزادو چوڪ کان ٿيندي منڊي کبڙ جي تائين پهچندو، جيڪو ڪجهه فرلانگ جو پنڌ لکن جي تعداد ۾ پهتل عزدارن جي سمنڊ سبب ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي، جنهن بعد اها زيارت منڊي کبڙ وٽ 9 محرم واري ڏينھن منجهند جو 2 وڳي تائين رکي ويندي آهي. جتي هزارن جي تعداد ۾ عورتون پهچي هر سال من جو مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ دعائون ۽ باسون باسين ٿيون، جنهن کان پوءِ”ڪربلا“ (9ڍال) واري زيارت کي جيئن ئي منجھند ڌاريءَ نماز ظھر ادا ڪرڻ بعد ٻيهر کنيو وڃي ٿو ته وري صبح وارا ساڳيا منظر پيش اچي وڃن ٿا. زيارت جئين ئي منجهند جو ڪجهه منٽن جو مفاصلو طئي ڪري شهزادو چوڪ وٽ پهچندي ته جتان ٻن شهزادن شهزادي علي اڪبر عه ۽ شهزادي علي اصغر عه جون روزي مبارڪ جون زيارتيون کنيون وڃن ٿيون. ائين اهي زيارتيون شاهي بازار، ڍڪ بازار پھچي وڇوڙا چوڪ وٽ شھزادا علي اڪبر ۽ شھزادا علي اصغر جون زيارتون الڳ ڪيون وڃن ٿيون جنھن کي وڇوڙو پڻ چيو ويندو آھي، تاريخي ماتمي جلوس جو سلسلو ساڳئي عقيدت احترام ۽ عوامي پيھ سان گڏ اڳتي وڌندو گجواڻي محلي کان ٿيندي ميدان ڪربلا تائين شام جو 7 وڳي تائين پهچندو، اُتي حيدر شاھ حقاني مسجد آڏو زيات کي رکي ويندي، ميدان ڪربلا ۾ پوري رات عبادت ۽ عزاداريءَ وارو سلسلو جاري رھي ٿو، اھڙي ريت منجھند جو 2 وڳي 10 محرم عاشور واري ڏينھن 9 ڍال واري زيارت ٻيھر برآمد ڪئي ويندي آھي. روھڙي شھر  ۾ لکين عزادارن سبب 8 کان 10 محرم الحرام تائين ” ياحسين عه، يا حسين عه“ ، يا علي عه، يا علي عه جي نعرن سان گونجي اُٿي ٿو ۽ سينا زني جو آواز پڙاڏو بڻجي پوري روهڙي شهر ۾ ڏينھن توڙي رات جي وقت گونجهندو رهي ٿو. جڏهن ته ان زيارت واري ماتم کان پهريان شام کان وٺي صبح تائين مجلس عزا ۽ سڄي سنڌ جي مختلف علائقن کان ايندڙ انجمنون نوحا خواني ڪنديون رهن ٿيون. جڏهن ته  روهڙي جي تاريخي ماتم جا حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، 8 محرم رات کان 10 ھين محرم تائين موبائيل سروس بند رکي ويندي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج اسٽينڊ باءِ تي موجود رھندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔