اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙي جي جيڪب آباد ۾ تدفين، سوڳ ۾ ڪاروبار بند

ڪراچي: ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار جي جيڪب آباد جي ٽائون هال ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي، گذريل ڏينهن ڊفينس فيز 7 ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو کي قتل ڪيو هو

 فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور جو ڪراچي ۾ علاج جاري، اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار جا مڙهه ڪراچي کان جيڪب آباد منتقل ڪيا ويا، ٽائون هال ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه بچل واهه جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔