ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس ڏيڍ وڳي نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو

ڪراچي: ڪراچي ۾ اٺ محرم الحرام جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ايم اي جناح روڊ کي رات دير سان ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو.

اٺ محرم الحرام جو مرڪزي جلوس ڏيڍ وڳي نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو. جلوس ساڍي ستين وڳي کارا در حسينيه ايرانيان تي اختتام پذير ٿيندو. جلوس جي رستن جي چوڌاري گهٽيون ڪنٽينر لڳائي بند ڪيون ويون آهن.

جلوس جي رستن جي چوڌاري موبال سگنل بند ڪيا ويا آهن. نمائش، لائنز ايريا، صدر، سولجر بازار، بولٽن مارڪيٽ، ٽاور ۾ سگنل کي بند ڪيو ويو آهي.

پي اي سي ايڇ، ڪشمير روڊ، ملير، مارٽن ڪوارٽر، لسبيله ۾ جزوي موبائل فون جا سگنل بند آهن. چار هزار پوليس اهلڪار، 3 سئو ٽريفڪ اهلڪار ۽ رينجرز جا جوان سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن. 20 وڏين عمارتن تي ماهر نشاني باز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔