ڪراچي پوليس اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي پوليس قتل ٿيل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو جو قتل ڪيس ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن ڊفينس فيز 7 ۾ هٿياربندن اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ کي قتل ڪيو هو اڪرم ابڙ پٽ ۽ ٻين سان گڏجي جيڪب آباد وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي ويٺل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ٿڏي تي مارجي ويا هئا. جڏهن ته عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور زخمي ٿي پيا هئا

ڪراچي پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته مقتول جي گاڏي ۾ به لائسنس وارو پستول هو پر گاڏي مان ڪابه فائرنگ نه ڪئي وئي. واري واري هنڌ تان نائن ايم ايم ۽ 222 رائيفل جي گولين جا خول مليا آهن. جوابدارن چئني پاسن کان گاڏي جو گهيرو ڪري فائرنگ ڪئي. واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي رهيو آهي.

ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته لڳي ٿو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار ٻئي شهر کان آيا هئا. جوابدارن فائرنگ کان اڳ منصوبه بندي ڪئي هئي جوابدارن جي روٽ ۽ پلان جي منصوبه بندي بابت ڄاڻ ملي آهي. جوابدارن خيابان شمشير کان گاڏي جو پيڇو ڪيو ۽ ڊفينس فيز 7 جي ويجهو گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي ٻڌايو ته جنهن جڳهه تي فائرنگ ڪئي وئي اتي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل نه هئي.

هوڏانهن ڊي آءِ جي سنڌ واقعي جي جاچ لاءِ 9 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ ٺاهي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا، ايس ايس پي جيڪب آباد ثمير نور، ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ ابريز عباسي، انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب، ڊي ايس پي ڊفينس آغا اصغر، ايس ايڇ او ۽ ايس آءِ ۽ ڊفينس ٿاڻي کي به ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه انچارج آءِ ٽي سيڪشن جيڪب آباد شاهد فهد اعواڻ به ڪميٽي ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔