پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل

ڪهوٽه: ڪوٽلي ستيان جي علائقي ۾ ٽورازم هاءِ وي جي منصوبي ۾ مبينه ڪرپشن جي معاملي تي اينٽي ڪرپشن راولپنڊي ۾ اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم، ايم پي اي ميجر(ر) لطاسب ستي ۽ پنجاب هاءِ وي جي ايڪسيئين سميت لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب ڪيس ڪهوٽه جي رهائشي شڪيل احمد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪهوٽه ڪوٽلي ستيان جي علائقي ۾ روڊ جنهن کي ٽوئرازم هاءِ وي جو نالو ڏنو ويو جي گڏيل روٽ کي تبديل ڪري سياسي اڳواڻن جي گهر ۽ زمينن وٽان گذاريو ويو

بوستان آباد ۽ بيور جي هنڌ تي به روڊ جو روٽ تبديل ڪري سياسي اڳواڻن ۽ سندس ويجهن عزيزن کي فائدو ڏنو ويو. ٽوئرازم هاءِ وي جي گڏيل روٽ کي تبديل ڪرڻ سان قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو. روڊ جو گڏيل روٽ تبديل ڪرڻ سان فاصلو به وڌيو ۽ ان تي لڳايل لاڳت به وڌي وئي. روڊ جو روٽ ٽبديل ڪرڻ سان گڏيل لاڳت ۾ 90 ڪروڙ کان وڌيڪ جو خرچ وڌيو.

ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ڪري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جنهن تي اينٽي ڪرپشن جاچ کان پوءِ ايڪسيئين پنجاب هاءِ وي سعد سلامه، ايس ڊي او محمد اڪرم، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم ۽ صوبائي ميمبر لطاسب ستي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڪسيئين طاهر اڪرم رائو ۽ ايس ڊي او خالد محمود خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب ڪيس داخل ڪري نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔