جناح هائوس حملو ڪيس:جَي آءِ ٽِي پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

 جناح  هائوس حملي  ڪيس جي جاچ ڪندڙ جَي آءِ ٽِي پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ طلب ڪري ورتو

پي ٽي آءِ چيئرمين ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن آڏو پيش ٿيندو، جي آءِ ٽي طرفان طلبي واري نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ شام 4 وڳي ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي

 اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن جي استدعا تي ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

 سپريم ڪورٽ کانپوءِ اسلام آباد جي عدالت ۾ به “گڊ ٽو سي يو” لفظن جو استعمال ڪيوويو

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بئرسٽر گوهر ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ تي جج دلاور همايون کي چيو “گڊ ٽو سي يو اِن نيو ڪچهري”، توهان سان نئين عدالت ۽ نئين ماحول ۾ ملاقات ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔