سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان طوفاني هوائن سان وسڪارن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان طوفاني هوائن سان وسڪارن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شام يا رات کان اولهه جي هوائن جو نئون سلسلو ملڪ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو.
اڄ شام کان سکر، جيڪب آباد، نگرپارڪر، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ گجگوڙ سان وسڪاري جا امڪان آهن.
اڄ شام کان 16 جولاءِ تائين بارکان، لورالائي ۽ قلات ۾ به گجگوڙ سان وسڪارا شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي، خضدار، زوب، لسٻيلي، آواران، موسيٰ خيل، ڊي جي خان، راجنپور، ملتان، ڀڪر، ليا ۽ ڪوٽ ادو ۾ به برساتن جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔