عمران خان غير شرعي نڪاح ڪيس: نظرثاني اپيل ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس بابت داخل نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سيشن جج اعظم خان سول جج جي فيصلي خلاف داخل اپيل ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو.

ياد رهي ته 13 مئي تي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح واري الزام جي ڪيس  جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني هئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي درخواست عدالت جي اختيار کان ٻاهر آهي.

اڄ ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس ۽ درخواستگذار جو وڪيل رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواستگذار جي وڪيل رضوان عباسي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جونڪاح هڪ ڀيرو ٿي چڪو هو ان جي نڪاح خوان مفتي سعيد پنهنجو بيان سول عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو. مفتي سعيد موجب بشريٰ بي بي جي نڪاح کان اڳ عدت پورو نه ٿيو هو. ڪيس جو اختيار اسلام آباد ۾ بڻجي ٿو ڇو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي رهائشگاهه بني گالا هئي.

پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس پي ٽي آءِ  چيئرمين خلاف داخل اپيل جي مخالفت ڪري ڇڏي. هن چيو ته نڪاح لاهور ۾ ٿيو. ڪيس لاهور ۾ داخل ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف پرائيويٽ شڪايت داخل آهي. سيشن جج اعظم خان دليلن کان پوءِ درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔