سوئي ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ، 3 جوان شهيد

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي ڊيره بگٽي جي تعلقي سوئي ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ سبب 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان 2 دهشتگرد به مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز جو ٻين دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز امن جي دشمنن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ امن دشمنن خلاف آپريشن مڪمل ٿي ويو آهي. جنهن دوران پاڪ فوج جا 9 جوان شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 5 دهشتگرد به مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔