پي ٽي آءِ چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 پي ٽي آءِ چيئرمين سميت شبلي فراز، فرخ حبيب، حسان نيازي ۽ ٻين اڳواڻن جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا

عدالت سمورن جوابدارن کي 19 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو،عدالت جڊيشل ڪمپليڪس تي حملي جي الزام ۾ اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي تي ٻن ۽ گولڙا ٿاڻي تي داخل هڪ ڪيس ۾ وارنٽ جاري ڪيا

ٻڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪئي، وڪيل جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، ان ڪري اسلام آباد نه ٿو اچي سگهي

 جج ابوالحسنات رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، عدالت سمورن جوابدارن کي 19 جولاءِ تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔