حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف فارورڊ بلاڪ جو حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو.

گلگت بلتستان جي اسپيڪر موجب حاجي گلبر خان کي 19 ميمبرن ووٽ ڏنو. حاجي گلبر خان جو تعلق پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ سان آهي. گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهلي کان پوءِ گلگت بلتستان اسيمبلي  ميمبرن جو انگ 32 رهجي ويو آهي.

حاجي گلبر خان 2020 جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو هو ۽ هو صحت بابت وزير به رهي چڪو آهي. حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جي تڪ 18 ديامر 3 تانگير مان چونڊجيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔