پاڪستان سيما رند تائين قونصلر رسائي گهري ورتي، نئين دهلي کان جواب طلب

پب جي تي ڀارتي نوجوان سان دوستيءَ بعد 4 ٻارن سان گڏجي ڀارت پهتل سنڌ واسڻ سيما رند واري معاملي تي پرڏيهي آفيس جو بيان سامهون اچي ويو، سيما رند جي ڀارت ۾ موجودگيءَ تي اسلام آباد نئين دهلي کان جواب گهري ورتو آهي

پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پاڪستان کان ڀارت پهتل سيما رند بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سيما رند  تائين قونصلر رسائي گهري آهي، ڀارت  کان سيما رند جي خيريت معلوم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

هن جو چوڻ آهي ته سيما رند  جي سرحد پار موجودگيءَ تي ڀارت جي جواب جو انتطار آهي، سيما رند 4  ٻارن جي ماءُ آهي ۽ پٻ جي تي ڀارتي نوجوان سچن مينا سان دوستي بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي کان نيپال پهتي ۽ نيپال ذريعي ڀارت هلي وئي هئي

هن جو چوڻ هو ته سيما رند نئين دهلي کان 90 ڪلوميٽر  پري ربو پورا ڳوٺ ۾ پنهنجي 4 ٻارن سوڌو سچن مينا سان گڏ رهائش پذير آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس سيما ۽ سچن کي گرفتار ڪيو هو بعد ۾ کين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ڀارت جي جواب جو انتظار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔