موسميات کاتي اڄ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان برساتن جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت 17 جولاءِ تائين اسلام آباد سميت گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي طرفان ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پي ڊي ايم اي برساتن ۽ تيز هوائن کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه کي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

تيز برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ مٿانهين ضلعن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته ننڍي، ڳري مشينري جي دستيابي کي يقيني بنايو وڃي. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پشاور، چارسده، نوشهره، مردان ۽ ٻين ضلعن  ۾ برساتن سبب ٻوڏ جو پڻ امڪان آهي.

ٻئي طرف ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔