آءِ ايم ايف کان قرض جي منظوري بعد انٽربينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بينڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ اڄ به ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جوسلسلو جاري آهي.

اڄ انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 3 روپيه 48 پئسا گهٽ ٿي 274 روپين جو ٿي ويو

انٽر بينڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر هڪ روپيو 9 پئسا سستو ٿيڻ کان پوءِ 277 روپيه 78 پئسن تي بند ٿيو هو.

ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 روپيه سستو ٿي 279 روپين جو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان جو 3 ارب ڊالر قرض پروگرام منظور ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ پاڪستان سان اسٽينڊ باءِ معاهدي جي منظوري ڏني آهي جنهن کان پوءِ فوري طور تي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي قسط پاڪستان کي جاري ڪئي ويندي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ٻڌايو آهي ته سعودي عرب ۽ يو اي اي مان 3 ارب ڊالر اچي چڪا آهن. ان سان اسان جي اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔