عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 10 ڪروڙ ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فنڊز پنجاب فيملي پلاننگ پروگرام جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. پروگرام جي تحت فنڊز پنجاب ۾ فيملي پلاننگ سروسز جي بهترين لاءِ استعمال ڪيا ويندا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف پاڪستان جو قرض پروگرام منظور ڪندي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي جي منظوري ڏني هئي.

معاهدي جي منظوري کان پوءِ پاڪستان کي 3 ارب ڊالر جي پهرين قسط 1.2 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته بقايا فنڊز 2 قسطن ۾ جاري ڪيا ويندا. اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي تحت پاڪستان کي ايندڙ 9 مهينن ۾ 3 ارب ڊالرز ملندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔