جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ خلاف هڪ ٿي ويون آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه جماعتون گڏ ٿي ويون آهن، سنڌ هڪ صوبو آهي ۽ قيامت تائين سنڌ هڪ صوبو ئي رهندو

 ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کي ملائي ڇڏيو، ٻه جماعتون اسان جي بغض ۾ گڏ ٿي وڃن ٿيون ته اها سٺي ڳالهه آهي، باقي سنڌ خلاف اسان ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون

سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر بابت صوبائي وزير چيو ته اپوزيشن ليڊر اسيمبلي نه ٿو اچي ته صوابديدي  ڪارروائي اسپيڪر جو اختيار آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ انتشار ۽ ڏڦيڙ صرف پي ٽي آءِ جو ڪم ناهي، پر ان جون ڪڙيون پرڏيهي سازش سان ملن ٿيون

هن چيو ته  پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ڀارت ۽ اسرائيل مان فنڊنگ ڪئي وئي، اسرائيل مان آيل بيان بعد صورتحال واضح ٿي وئي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسرائيل جي حمايت حاصل آهي، ان ڪري اسرائيل ظاهري طور پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت ڪري رهيو آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستاني عوام کي هاڻي اکيون کولڻ گهرجن، شايد ڪو ٻيو ملڪ به پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت ۾ سڌي ريت سامهون اچي، اسرائيل کي اختيار ناهي ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔